ٽاور ميري ويدر

ٽاور ميري ويدر

ميري ويدرٽاور

ميري ويدرٽاور: ڪراچيءَ ۾ موجود ميري ويدر ٽاور سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر جي بدليءَ کانپوءِ هن جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو، جنهن جي پيڙهه جو پٿر 1884ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر جيمز فرگوسن رکيو هو. 1892ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايوان جيمز هن جو افتتاح ڪيو. هن جي اڏاوت تي 37178 رپيا خرچ آيو. اها پوري رقم ان وقت عوام چندو ڪري گڏ ڪئي هئي. هن جي چئني ڪنارن تي راڻي وڪٽوريا جي مورتي اُڪريل آهي ۽ چئني پاسن کان گھڙيال لڳل آهي. هن جي ڊيگهه زمين کان 102 فوٽ مٿي آهي. ٽاور تي ميري ويدر جو نالو ۽ چئني پاسن کان يهودين جي اهڃاڻ وارو اٺن ڪنڊن وارو تارو به اُڪريل آهي. جاءِ تي هيٺيان لفظ به لکيل آهن: “Erected by the people of Sind province in the memory of Ex-Commissioner of Sind Mr. William Mereweather” هن ٽاور جي ڪري بندر روڊ ۽ ميڪلوڊ روڊ (آءِ. آءِ. چندريگر روڊ) جي ڪياماڙيءَ ڏانهن ميلاپ واري جاءِ ٽاور جي نالي سان مشهور آهي. هاڻي هن ٽاور کانپوءِ مائي ڪولاچي باءِ پاس شروع ٿئي ٿو. هن جي ساڄي هٿ تي کاري در وارو علائقو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو